سيد بچل شاهه تابش نقوي

سيد بچل شاهه تابش نقوي

سيد بچل شاهه تابش نقوي

سيد بچل شاهه تابش نقوي: بچل شاهه تابش نقوي'>سيد بچل شاهه تابش نقوي 1932ع ڌاري رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سيد وريل شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هوندو هو. سيد بچل شاهه سنڌي ستين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. جنهن زماني ۾ ست درجا فائنل طور ليکيا ويندا هئا. سيد بچل شاهه نهايت باذوق ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ اديب ۽ بهترين مقرر ٿي گذريو آهي. سٺو مقرر ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هوندو هو، جنهنڪري وٽس هر پل ماڻهن جو هجوم ويٺو هوندو هو. سندس والد سيد وريل شاهه به هڪ خدا ترس انسان ۽ رتيديري جي ماڻهن جو ڀرجهلو هو. 1971ع ۾ سيد وريل شاهه جي وفات بعد سموريون ذميواريون سيد بچل شاهه تي پيون ته هن شهر جي غريب ۽ بي پهچ عوام جي خدمت ۾ وسان نه گهٽايو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سياست کان متاثر ٿي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي حوالي سان سندس ڪوششون اتان جي ماڻهن لاءِ هونديون هيون. ايتريقدر جو رتيديري شهر ۾ ڪنهن به سماجي مسئلي جي حل لاءِ ڪا به هڙتال، ريلي، مظاهرو يا ڌرڻو هوندو هو ته بنا ڪنهن پارٽي فرق جي ان ۾ هي نه صرف حصو وٺندو هو، پر مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ذاتي اثر رسوخ هلائي مسئلا حل ڪرائيندو هو. شهيد بينظير ڀٽو سان به تمام گهڻو ويجهو رهيو.
لاڙڪاڻي ضلعي جي هن معروف شخصيت، 29 مئي 2003ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيد بچل شاهه تابش نقويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو